خليق مورائي

خليق مورائي

خليق مورائي

خليق مورائي: حڪيم، صحافي، اديب ۽ شاعر قاضي عبدالخالق ولد قاضي نبي بخش. 23 ربيع الثاني 1311هه بمطابق 1893ع ڌاري موري ۾ ڄائو. ڪجهه ابتدائي تعليم والد کان ورتائين، پوءِ ابتدائي چار درجا ضلعي لوڪلبورڊ پرائمري اسڪول، موري مان پاس ڪيائين. طب، فارسي ۽ فقھ جي تعليم والد کان ورتائين. وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ خدا بخش ڀرڳڙي، تعلقي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ضلعي ٿرپارڪر ويو، جتان 25 سالن جي عمر ۾ 6 رجب 1336هه ۾ فارغ التحصيل ٿيو. عربي، فارسي، طب، تاريخ ۽ منطق سکڻ کان پوءِ انگريزي پڙهيو ۽ انگريزيءَ تي ڪافي عبور حاصل ڪيائين. سندس ادبي نالو ’خليق مورائي‘ هو.
هن 1920ع کان حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيو. پهريائين ”ٺل“ تعلقي جيڪب آباد ۾ پنهنجو ‘طب خانو’ کوليائين ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ جي رنڇوڙ لائين، مٺي در ۽ بمبئي بازار ۾ ’شهزور فارميسي‘ نالي شفاخانو قائم ڪيائين. ‘هيومن ڪاليج ڪلڪتي’ مان ڊپلوما پاس هو. حڪمت خانداني ورثي طور مليل هئس ۽ هوميوپيٿي ۽ ايلوپيٿيءَ جي علاج تي پورو عبور هئس. خلافت تحريڪ ۽ ترڪ موالات تحريڪ ۾ڀرپور حصو ورتائين، جنهن دوران ڇهه مهينا ‘ٿاني ڀون’ جيل ۾ سخت پورهئي سان سزا به ڪاٽيائين. ‘جميعت العلماءِ هند’ جي مرڪزي عامله جو رڪن به رهيو.
قاضي عبدالخالق ننڍيءَ ڄمار کان شعر چوڻ شروع ڪيو، پهريائين ”عبد“ بعد ۾ ‘مورائي’ ۽ پوءِ ‘خليق’ تخلص اختيار ڪيائين. 1924ع کان ڪراچيءَ مان ‘ترقي’ نالي سان ماهوار رسالو جاري ڪيائين، جيڪو لڳاتار اَٺ سال هليو. قاضي عبدالخالق بهترين حڪيم سان گڏ هڪ جاکوڙي سماجي ورڪر به هو. 1928ع ۾ ‘ڳوٺ سڌار هلچل’ جو آرگنائيزر، ‘ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽو انسٽيٽيوٽ’ جو پروپئگنڊا سيڪريٽري ۽ ’ڪوآپريٽوِ‘ رسالي جو ايڊيٽر هو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي بنياد وجھندڙ ۽ مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:
(1) ‘سندري’ (ناول)، (2) ‘فاتح السنڌ’ (سوانح: 1926ع)، (3) ‘آخري رسول صلعم’ (سوانح: 1925ع)، (4) ‘آخري مذهب’ (حصو پهريون: 1926ع)،
(5) ‘يارغار صديق اڪبر رضه’ (سوانح)، (6) ‘عبرت’ (ناول: 1930ع)، (7) ‘ڇتر پتي’ (ناول)، (9) ‘درس آموز’ (معاشرتي ناول) ۽ (10) ‘قرآن ۽ نئين روشني’ (ترجمو) وغيره اچي وڃن ٿا.
سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ‘آخري مذهب’ (حصو ٻيون ۽ ٽيون).
‘علماءِ سنڌ’، ‘فارق اعظم’ (سوانح)، ‘سنڌ ۾ تحريڪ خلافت جا فدائي’، ‘نامڪمل اسلام ۽ وياج، ‘تجرباتِ خليق’ (حڪمت)، ‘مضامين خليق’، ‘تاريخِ تعميرِ ڪعبه’، ‘ويدن جي حقيقت’، ‘شڌيءَ جو سانگ’ (ناٽڪ)،
‘جماد اڪبر’ (منظوم)، ‘علم ڪيميا’ ، ‘سود جي تاريخ’، ‘علوم عربيه جي تاريخ’، بشارت القرآن في خلافت آل عثمان’ (حصو پهريون ۽ ٻيون)، ‘تناسخ’، ‘عربي گرامر’، ‘عدل يورپ’ ۽ ‘وڏيرو وڏيري’ (ناٽڪ) وغيره. هن پهرين مئي 1934ع تي وفات ڪئي. سندس مدفن ڪراچيءَ ۾ لياريءَ نديءَ ڀرسان مارواڙي مقام ۾ آهي.


لفظ خليق مورائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1311.04.23  هجري

حڪيم، صحافي، اديب ۽ شاعر قاضي عبدالخالق ولد قاضي نبي بخش. 23 ربيع الثاني 1311هه بمطابق 1893ع ڌاري موري ۾ ڄائو.


1336.07.06  هجري

25 سالن جي عمر ۾ 6 رجب 1336هه ۾ فارغ التحصيل ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درشهوار سيد ڊاڪٽر
چترو ناگپال
عقيل عباس جعفري
سليم ميمڻ پروفيسر
چنا راهي
حڪيم محمد يعقوب قاضي
عبدالرزاق قريشي
آسانند مامتورا
ڌاريجو علي حسن
رُڪمڻي سندر چئناڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون